پير پٺو مزار

پير پٺو مزار (قديم آثار ):پير پٺي جي مزار، سومرا دؤر جي اسلامي اڏاوت جو نمونو آهي، جيڪا مڪليءَ جي ڏاکڻيءَ ڇيڙي تي ٺٽي کان 12 ميل پري آهي. مقبري جي اڏاوت اٺڪنڊي ۽ پيل پاون تي بيٺل آهي. اها هڪ ڇٽي آهي، جنهن جي پٿراون پيل پاون تي ڪافي چٽسالي ٿيل آهي ۽ انهن جا ڇڄا سونهن لاءِ ٻاهر نڪتل آهن.
مزار/ درگاهه تي پهچڻ لاءِ ٻه رستا آهن: هڪ اسٽيل مل ڪامپليڪس کان ٿيندو، غلام الله شهر کان پير پٺي تي پهچي ٿو، ٻيو رستو، ٺٽي شهر جي دابگير مسجد وٽان نڪري بدين- سجاول شهر ڏانهن ويندڙ روڊ جي پٺ ڏيندو پير پٺي تي پهچي ٿو.
پير پٺي واري ٽڪريءَ تي هڪ پڪسرو منارو ٺهيل آهي، جيڪو هڪ سؤ فوٽ کن اوچو آهي، جنهن جي اندرئين پاسي جي ڇت دونهاٽيل آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي منارو ”لائيٽ هائوس“ طور ڪم ايندو هو. منارو سالم بيٺو آهي. اندازو آهي ته هي ڪلهوڙا دؤر کان اڳ جو ٺهيل آهي.
پير پٺي واري ٽڪريءَ هيٺان مقامي ماڻهو ڳوٺ ٻڌي ويٺا آهن، ڳوٺ ننڍو آهي، پر ان ۾ انجنيري بنگلو ۽ مسافرخانو ٺهيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو